افغانستان، برطانيا کان طالبان تائين

خليق ميمڻ

حصو پھريون

گذريل هفتي عالمي منظر نامي تي ٻه اهم پيش قدميون ٿيون آهن هڪ گڏيل عرب امارات واري واٽ تي هلندي نيٺ بحرين به گذريل هفتي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ بحرين، اردن، مصر ۽ گڏيل عرب امارات کان پوءِ چوٿون عرب ملڪ بڻيو، جنهن اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي. ۽ ٻي اهم پيش قدمي افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ 12 سيپٽمبر کان ڳالهين جي شروعات ٿيڻ آهي. منهنجو ارادو هيو ته اڄ پنهنجي ڪالم جو موضوع افغان طالبان وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون رکان پر سوچيم پئي ته ڇو نه پهرين پڙهندڙ کي افغانستان جي مختصر تاريخ جو خلاصو پيش ڪجي ته جيئن افغانستان جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي.

دنيا ۾ سورهين صديءَ کان شروع ٿيل عالمي نوآبادياتي نظام آمريڪا جي ڳولھا کان پوءِ آمريڪا جي آزادي، خودمختياري، روسي انقلاب، نپولين جي جنگين کان ٿيندو آمريڪا اندر خانا جنگيءَ کان وٺي آمريڪا جي آزاديءَ تائين اڻويهين صدي ختم ٿيڻ کانپوءِ ويهين صديءَ ۾ ٻن عالمي جنگين کانپوءِ نيٺ هن نوآبادياتي نظام جي ختم ٿيڻ جي شروعات ٿي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ پراڻو فيوڊل سسٽم سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان سرمائيدار ۽ صنعتي دور ۾ تبديل ٿي ويو. مرڪزي بينڪنگ سسٽم ، اسٽاڪ ايڪسچينجز جي واڌ سان عالمي معاشيات ۽ اقتصاديات تي سرمائيداري نظام کي پنهنجي ظالماڻي طاقت سان لاڳو ڪري چڪو هو. لنڊن، نيويارڪ، پيرس ۽ ماسڪو جهڙن صنعتي شهرن جي ڪارخانن ۾ ٻارن ۽ عورتن کي تمام گهٽ اجرت تي هڪ ڏينهن ۾ 14 کان 16 ڪلاڪن تائين ڪم ڪرايو ويندو هئو.

اهڙيءَ ريت پهرين عالمي جنگ کان اڳ اوڀر يورپ، چين، هندستان، روس ۽ دنيا جي ٻين آزاد ۽ نوآبادياتي نظام ۾ جڪڙيل ملڪن اندر ڪارل مارڪس ۽ اينگلز جي ڏنل سوشلزم جي نظريي سبب ننڍيون وڏيون تحريڪون هلي رهيون هيون، جنهن سبب مختلف بغاوتون پڻ ظاهر ٿي رهيون هيون. انهيءَ سان گڏ نوآبادياتي طاقتن جي وچ ۾ اقتدار جي حوصلي ۽ واڌ يعني اهي ملڪ جيڪي گهٽ ڪالونيون رکندڙ هئا، اهي انهن ملڪن جهڙوڪ برطانيه، فرانس، هالينڊ، پرتگال، اٽلي، روس ۽ اسپين هڪٻئي جي ڪالونين تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي چڪر ۾ ھوندا ھئا. دنيا جون پراڻيون ٽي عظيم طاقتون روس، ترڪي، (عثماني سلطنت) ۽ برطانيه جي حڪومت هيون، جڏهن ته فرانس، جرمني، اسپين ۽ جاپان به وڏين طاقتن ۾ شامل ٿيندا هئا.

آمريڪا جيڪو پهرين برطانيه ۽ فرانس جي ڪالوني رهيو هو سو پنهنجي آزادي، گهرو ويڙهه ۽ ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ نئين دنيا ۾ وڏي طاقت بڻجي چڪو هو. اسان وٽ برصغير ۾ به برطانيه جي حڪومت جو قبضو مظبوط ٿي چڪو هو جنهن ۾ خاص برطانوي سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي شامل هئي. انگريزن کي شروع کان ئي اهو احساس هو ته هندستان تي هميشه افغانستان کان ئي حملا ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري انهيءَ حڪمت عملي تحت هندستان کان اڳ افغانستان تي حملو ڪيو وڃي ۽ ان کي دٻايو وڃي، هڪ ٻيو سبب اهو هو ته روس جو زار پال پهريون متان افغانستان تي حملي ڪري تنهن کان پهرين افغانستان تي حملو ڪجي، زار پال پهريون افغانستان تي حملي لاءِ سوچي رهيو هو ته نيپولين سان گڏجي افغانستان کان هندستان تي حملو ڪري، جنهن لاءِ زار پال پهريون پڻ نپولين کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو سرحد (موجوده خيبر پختون خواہ) ۽ بلوچستان کان افغانستان تي حملو ڪري ڏيندو، پر ڪم ان جي ابتڙ ايئن ٿيو جو نيپولين 1812 ۾ ماسڪو تي حملو ڪري ڏنو ۽ روسي مجبور ٿي ٿڌ جي وڌڻ جو انتظار ڪرڻ سان گڏ نيپولين جي فوج کي به روڪيندا رهيا ۽ نيٺ ماسڪو کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب نپولين جي فوج کي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٿڌ جي وڌڻ ڪري گهڻو جاني نقصان ٿيو.

1838 ۾ برطانوي حڪومت گورنر جنرل اڪلينڊ کي هندستان موڪليو، جنهن شملا ۾ ويهي افغانستان تي حملي کي حتمي شڪل ڏني، ان کي شمله منصوبي جو نالو ڏنو ويو. ھيءَ پهرين اينگلو افغان جنگ هئي جنهن ۾ انگريزن پنهنجي حامين ۽ جلاوطن ٿيل افغان شاھ شجاع جي فوج جي مدد ڪئي، هن ئي جنگ ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه انگريزن جي مدد ڪندي خيبرپختونخواه ذريعي وڏي فوج سان ڪابل تي حملو ڪيو، جڏهن ته انگريزن 28 جولاءِ 1839 تي بلوچستان مان 21 هزار هندستاني فوجي غزنيءَ تي قبضو ڪندي آگسٽ ۾ ڪابل پهچي ويا ايئن انگريزن جي شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ کانپوءِ سِک فوج موٽي آئي. افغانستان ۾ برطانوي عملدارن سان گڏ ٻارنهن هزار هندستاني فوج موڪلي ۽ باقي لشڪر موٽي آيا. جڏهن برطانوي فوجون ڪابل تي حملو ڪرڻ لاءِ بلوچستان کان وڃي رهيون هيون، بولان پاس وٽ بلوچ قبائلين گوريلا جنگ وڙهي برطانوي فوج کي چڱو نقصان پهچايو. واپسيءَ تي برطانوي فوج بلوچستان جي خان آف قلات مير محراب خان کي اطاعت جو پيغام موڪليو، جنهن کي خان آف قلات رد ڪندي غلاميءَ کان وڙهڻ دوران شهادت کي ترجيح ڏني.

انگريزن جي خلاف مزاحمت ان وقت تيز ٿيڻ لڳي، جڏهن انگريزن هندستان مان پنهنجن سپاهين جي حوصلن کي بلند ڪرڻ لاءِ انهن جي زالن ۽ ٻارن کي واپس گهرائڻ شروع ڪيو، جنهن سان افغانين محسوس ڪيو ته انگريز هتي مستقبل موجودگي چاهي ٿو. (هلندڙ)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.