ڏنگي ۽ ڀنڊاڙٻيٽ تي قبضو

سدا حيات جلباڻي

مرشد شاهـ عبداللطيف ڀٽائي سر گھاتوءَ ۾ ملاحن پاران مانگر مڇ مارڻ جي ڪوشش تي ملاحن جي واکاڻ ڪئي آهي. پاڻ فرمائين ٿا ڪُن گھورڻ جي شوق ۾ وطن جا ملاح ڪڏهن بـ آرام سان نـ سمهيا. “ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُک نـ سُتا ڪڏهين.” ملاح (مورڙو ۽ سندس ڀائر) سوڀارا ٿيا ۽ نيٺ ميڪر (مانگر مڇ) ماري وڌائون. “ميڪر ماريائون، ملاحن منهن سُنرا.” سُر گھاتو ۾ آيل ڪردارن ڏاهپ ڀري ٻڌيءَ سان مانگر مڇ مٿان فتح حاصل ڪئي هئي. ڏاهپ ڀري ٻڌيءَ سان مانگر مڇ مارڻ واري سبق تي عمل ڪرڻ سان سنڌ ڄاوا ٻيون ڪاميابيون بـ حاصل ڪري سگھن ٿا.

مرشد ڀٽ ڌڻي سر سريراڳ ۾ آيل بيت ذريعي اسان کي خبردار (الرٽ) ڪري ٿو تـ “ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا.” مرشد جي بيت ۾ ڄاڻايل “چور” سنڌي سمنڊ تي قبضي جي سازش پيا ڪن. انهن جون اکيون ڪراچي شھر کان ڪلاڪ کن جي مفاصلي تي اسان جي سمنڊ ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي کتل آهن. “وردي ضروري آهي” واري دور ۾ اهي ٻيٽ سنڌ جي وڏي وزير پراپرٽي جي هڪ سيٺ کي نئون شھر اڏڻ لاءِ لکي ڏنا هئا. سنڌ جي سياسي تنظيمن جي شديد احتجاج کان پوءِ اھا سازش رڪجي وئي هئي. سنڌ جا ماڻهو ٻيٽن جو هڪ انچ بـ سازشين کي نـ ڏيندا. اهي ٻيٽ تـ ٻارنهن هزار ايڪڙن تي پکڙيل آهن.

اها ڳالهـ مشهور آهي تـ حياتيءَ جي ابتدا سمنڊن مان ٿي. سمنڊ تمام وڏا آهن. ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو ٻاهتر سيڪڙو سمنڊن تي ٻڌل آهي. سمنڊن ماڻهن کي پاڻ ۾ ويجھڙو بـ ڪيو آهي تـ هڪ ٻئي کان پرانهون بـ ڪيو آهي.

ڳالهـ چٽي آهي. اسان مان ئي هڪڙن کي وطن عزيز آهي ۽ ٻين کي ڌن پيارو آهي. ڌن وارا ڌار ٿي بيهندا. انهن ۾ ڪو آسرو ڪونهي. هاڻي اميد آهي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران تازو ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ وارين ڌرين مسلم ليگ (ن)، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جمعيت علماء اسلام (مولانا فضل الرحمان گروپ)، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ ۽ انهن پاران جوڙيل سيو سنڌ ڪاميٽيءَ ۾ .

سنڌ جو گورنر هائوس سنڌ دشمن سرگرمين جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. وفاقي سرڪار ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري منصوبي تي عمل لاءِ صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا آهن. تازو “سنڌ جي دوري” تي آيل صدر عارف علويءَ چيو آهي تـ ڀنڊار آئيلينڊ ۽ راول سٽي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منصوبا آهن.

گورنر هائوس ۾ صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ اجلاس دوران وڏن بلڊرز سوڌو ڪاروباري شخصيتن کي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري پلان بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي آهي. صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، ملڪ رياض، عقيل ڪريم ڍيڍي، عارف حبيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بلڊرز ۽ سيڙپڪارن طرفان اڏاوتي شعبي لاءِ کنيل وفاقي سرڪار جي قدمن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ڀنڊار آئيلينڊ ۽ راول سٽي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منصوبا آهن. اُنهن سان نـ رڳو ترقي جا نوان دڳ کُلندا، پر روزگار جا بـ بيشمار موقعا پيدا ٿيندا.

سنڌ وطن جا ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تـ اها خلق سنڌ واسين کي روزگار ڏيڻ تـ سکي ئي نـ آهي. سڀ سازشون سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.

جيئن مٿي ڏيکاريل آهي تـ، ٻين کان علاوهـ بحريا ٽائون جي مالڪن بـ صدر عارف علويءَ جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سرڪت ڪئي آهي. بحريا ٽائون جي تاريخ آهي تـ انهن سنڌ جي مسڪين ماڻهن جو زمينون ڦٻائي “نون شهرن” جون اڏاوتون ڪيون آهن. اهي وري ساڳي سازش سان ڀنڊاڙ آئيلينڊ سميت ٻيٽن تي ميريون اکيون وڌيون آهن.

سنڌ دشمن سرگرميون تيز ٿين ٿيون تـ سنڌ دوست سرگرميون تيز تر ٿيڻ کپن. هن ڏس ۾ سيو سنڌ ڪاميٽي تي بار وڌي وڃي ٿو. لازمي آهي تـ ٻن هفتن اندر سيو سنڌ ڪاميٽيءَ جي فيصلي ڪن گڏجاڻي ڪوٺائي سازشين جي رستا روڪ ڪرڻ خاطر ڪارروائيءَ جي لاءِ لائين آف آيڪشن جوڙي وڃي. ان ۾ ٻين ڳالهين کان علاوهـ هنڌين هنڌين ڌرڻا ڏيڻ جو پروگرام رٿيو وڃي. اها سنڌي عوام پاران هلايل تاريخي تحريڪن بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ، اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۽ جمهوررت جي بحالي (ايم آر ڊي) واري تحريڪ جهڙي طاقتور هلچل هجڻ گھرجي. مرشد شاهـ عبداللطيف ڀٽائي جي فرمان مطابق جيسين مانگر مڇ مري نـ ٿو، تيسين سُکيو ٿي سمهڻو نـ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.