تنگواڻي شھر کي گرڊ اسٽيشن جي سھولت ڏني وڃي

 نورخان بکراڻي/ تنگواڻي

دنيا جو ھر ملڪ بجليءَ جي اھميت، ضرورت، ان جي ذريعي ھلندڙ مشينري ۽ آلاتن کي بجلي مهيا ڪرڻ لاءِ ملڪي آباديءَ جي گھرج مطابقت بجلي گھر ۽ شھري علائقن ۾ گرڊ اسٽيشن قائم ڪندا آھن پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ماضيءَ ۾ توانائي واري شعبي ۽ بجليءَ جي پيداوار طرف ڪڏھن به ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه ڪي بجلي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي سطح تي ڪو جامع منصوبو جوڙيو آهي. توانائي جي بحران ۽ بجلي جي گھرج کان گھٽ پيداوار سبب اسان جو ملڪ پاڪستان صنعت واري شعبي ۾ ڪو خاص ترقي نه ڪري سگهيو آهي ۽ اسين ضرورت واريون بيشمار شيون اڄ به ٻين ملڪن جي مارڪيٽن مان ٻيڻي قيمت عيوض گھرائيندا رھون ٿا.

ياد رھي ته اسان جي ضلعي ڪشمور ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي بجلي گھر گڊو ٿرمل پاور هائوس جي نالي سان قائم ته ڪيو ويو آهي جنهن مان ملڪ جي اڪثر وڏن شهرن کي بجلي جي فراهمي ۽ سندن گھرج پوري ڪئي وڃي ٿي پر افسوس جو ڪشمور ضلعي جي عوام کي ھميشه بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جھڙي آزار ۽ عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

ساڳيءَ طرح سان ڪشمور ضلعي جي وڏي آباديءَ واري تعلقي تنگواڻي کي اڄ ڏينھن تائين گرڊ اسٽيشن جي سھولت کان ڄاڻي واڻي محروم رکيو ويو آهي. تنگواڻي شھر جنھن جي آبادي ھڪ لک کان مٿي آهي پر ھن شھر جو وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونھي. بجلي جيڪو روزانو 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڪلاڪ به ڪنھن نصيب سان ھلي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن ته مُسلسل ٻن ٽن ڏينھن تائين تنگواڻي شھر جي بجلي غائب ٿي ويندي آهي ۽ شھر جون سڀئي رونقون ۽ روشنيون اونداھين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. اليڪشن جي ورڪ ۽ مھم وارن ڏهاڙن ۾ ھن ضلعي جي سياست تي ھر وقت راڄ ڪندڙ سياسي اڳواڻ ھر ڀيري بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جي شڪايت تي بجلي جي بحران واري مسئلي کي ھميشه لاءِ حل ڪري ڏيڻ جا سکڻا واعدا ته ڪري ويندا آهن پر اھي واعدا اڄ ڏينھن تائين وفا نه ٿي سگھيا آهن؟ تنگواڻي شھر لاءِ 3 دفعا منظور ٿي آيل گرڊ اسٽيشن ھر ڀيري پنھنجا نواز پاليسي تحت ڪڏھن بخشاپور شھر کي نوازيو ويو آهي، ڪڏھن ڪرمپور شھر کي اھا اسڪيم شفٽ ڪري ڏني وئي. آخري ڀيرو سال 2017-18 ۾ تنگواڻي شھر جي نالي سان منظور ٿي آيل گرڊ اسٽيشن ھڪ دفعو وري بااثرن جي فرمائش ۽ خواھش تي غوثپور شھر ۾ قائم ڪئي وئي آهي، پر تنگواڻي شھر جي لاوارث عوام جو گرڊ اسٽيشن وارو پراڻو مطالبو اڃان تائين پورو نه ٿي سگھيو آهي. اھو ئي سبب آهي جو ھي شھر اڃان تائين ايڏي وڏي ترقي نه ڪري سگهي آهي.

اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب ۽ تنگواڻي تعلقي مان مُنتخب ٿيل صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي صاحب کي اپيل ڪريون ٿا ته تنگواڻي شھر کي گرڊ اسٽيشن منظور ڪري ڏنو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.