سهيل وڙائچ جي نئين ڪتاب تي اعتراض، اسٽالن تان غائب

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي ۽ سياسي تجزئي نگار سهيل وڙائچ جو هڪ ڪتاب گذريل شام بڪ اسٽالن جي زينت بڻيل رهيو پر هاڻي  اطلاعن مطابق مبينه طور تي ان کي پهرين ڏينهن ئي پاڪستان جي رياستي ادارن پاران اعتراض کانپوءِ هٽايو ويو آهي، ” يه ڪمپني نهين چلي گي“ نالي اهو ڪتاب سهيل وڙائچ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ڪالمن جو مجموعو آهي، سهيل وڙائچ بي بي سي کي ٻڌايو ته ان ڪتاب ۾ جيڪو مواد آهي اهو پهرين کان شايع ٿيل ڪالم آهن، مون کي خبر پئي آهي ته ان جي ٽائٽل تي ڪجهه حلقن کي اعتراض ٿيو آهي، گذريل ڏينهن مون سان به رابطو ڪري چيو ويو ته ان جي ٽائٽل تي جيڪو ڪارٽون آهي اهو وزيراعظم  جي وقار ۾ گهٽتائي آڻي ٿو، هن چيو ته ڪارٽون هميشه لائٽ انداز ۾ ڏٺا ويندا آهن، هاڻي اسان ان ڪتاب جو سرورق تبديل ڪنداسين، هن چيو ته سڀ ئي هڪ پيج تي آهن ته اهو ڪارٽون انهيءَ تناظر ۾ هو پر جيڪڏهن ملڪي ادارن کي اعتراض هوندو ته ان کي تبديل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.