مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبندين جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي: ناصر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي کي سمورا اختيار  ۽ فنڊ ڏينداسين، شهر جي مسئلن جي فوري ۽ جلد حل لاءِ ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ پنهنجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي لاءِ ننڍي مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، سمورا شهري ادارا يوٽيلٽي سروسز، وفاقي ۽ صوبائي نمائندا ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر سان مڪمل رابطي ۾ رهن ته جيئن اسان گڏجي شهر کي بهتر بڻائي سگهون. اهڙو اظهار هن ڪالهه ميونسپالٽي صدر واري آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلديات کاتي جو سيڪريٽري سيد نجم احمد شاهه، ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته ماضي ۾ بلدياتي معاملن ۾ تمام گهڻيون غلطيون ۽ نااهليون ٿيون جن کي اسان درست ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪراچي لاءِ سمورا اسٽڪ هولڊرز هڪ ٿيا آهن ۽ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته آدمشماري جي حوالي سان صرف اسان جا خدشا ناهن پر ايم ڪيو ايم سميت ٻين جماعتن به ان تي اعتراض اٿاريا آهن ۽ ان حوالي سان عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسان چاهيون ٿا ته بلدياتي چونڊون 120 ڏينهن اندر ئي ٿين پر تڪبندين جو معاملو ان کان پهريان حل ٿيڻ گهرجي ته جيئن سمورا معاملا قاعدن ۽ ضابطن تحت آڻي سگهجن. هن چيو ته برساتي نالن تي جيڪي ماڻهو سالن کان رهائش اختيار ڪيل آهن انهن کي فوري طور تي نٿا هٽائي سگهون جيستائين انهن کي متبادل جاءِ فراهم نه ڪئي وڃي جڏهن ته نالن تي جيڪي ڪمرشل انڪروچمنٽس آهن انهن کي فوري هـٽايو پيو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪي ادارا نالن تي انڪروچمينٽس جون شڪايتون ڪندا رهيا آهن اهي ئي انهن انڪروچمينٽس کي قائم ڪرڻ جا ذميوار هئاهن چيو ته انتظامي نمائندن جي بيوسي ۽ مجبوري پنهنجي جاءِ تي پر اسان تسليم ڪيون ٿا ته برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر انتظام هئڻ گهرجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.