جج جي اعتراف باوجود نواز شريف کي ٻيهر گرفتار ڪيو پيو وڃي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم  اُنهيءَ ڪيس ۾ آهي جنهن ۾ جج ارشد ملڪ بي گناهي، بليڪ ميلنگ ۽ زوري فيصلو ڏيارڻ جو به اعتراف ڪيو. مريم نواز جو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته جج صاحب ڪڏهو ڪو گهر وڃي چڪو پر فيصلو اڄ به جيئن جو تيئن آهي، جج ارشد ملڪ کي گهر موڪليو ويو پر اِهو ناهي پڇيو ويو ته سزا ڪنهن جي چوڻ تي ڏني؟ پر نواز شريف کي ئي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس ته اِهو هجڻ گهربو هو ته جج طرفان ڏوهه جي اعتراف کان پوءِ سزا جي ڪهڙي حيثيت رهي ٿي؟ جيڪڏهن سزا ئي قائم نٿي رهي ته پوءِ واپس ڪهڙي، گرفتاري ڇو؟ مريم نواز جو چوڻ هو ته جيڪو جيل جي ڪوٺڙي ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجي حياتي جي همسفر کي موت جي بستري تي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ جو هٿ هٿ ۾ ڏئي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڪاٽڻ وطن واپس اچي ويو هو ۽ قانون جي آڏو پيش ٿي ويو هو، ڇا مفرور جوابدار اهڙا هوندا آهن؟03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.