آمريڪا، ڀارت پڌرنامو رد، پاڪستان جو حوالو بنا جواز آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت جو جارحاڻو رويو سڄي ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن کي سخت خطرن  ڏانهن ڌڪي پيو. عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو خطي جي امن ۽ استحڪام  جي خلاف روش اختيار ڪرڻ کان باز رهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ ڀارت ۽ آمريڪا جي 17هين دهشتگردي جي انت واري گڏيل ورڪنگ گروپ جي پڌرائي تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته 17هين اجلاس جي پڌرائي ۾ پاڪستان جي بنا جواز حوالي کي سختي سان رد ڪري ٿو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان ان حوالي سان پنهنجا خدشا آمريڪي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي ڇڏيا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا شريڪ ملڪ ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن امان سان سلهاڙيل مسئلن جو ذڪر، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڪن. هن چيو ته عالمي برادري ان حقيقت کان سٺي ريت باخبر آهي ته پاڪستان هندوستان جي سهڪار سان سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي.03

عزير بلوچ  خلاف پوليس اهلڪار قتل ڪيس ۾ فريادي طلب

ڪراچي ( رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف جيل پوليس اهلڪار لالا حميد جي ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي کي طلب ڪري ورتوآهي . ياد رهي ته عزير بلوچ پنهنجي 164 واري بيان ۾ لالا حميد رند جي قتل جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جوابدارن خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل آهي

ڪي پي ٽي زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ، جوابدار جي ضمانت  درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي پي ٽي زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ شريڪ جوابدارگلاب خان جي درخواست ضمانت غير موثر هجڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت وڪيل کان پچاڻو ڪيو ته نيب ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو آهي .وڪيل جوابدار ڏيندي چيو ته مون کي نه بليڪ ڪمپني کي نوٽيس مليو آهي، عدالت چيو ته ضمانت ڪهڙي ڳالهه جي آهي .عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.