اسلام آباد ۾ڪورونارپورٽ ٿيڻ تي تعليمي ادارو سيل

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي هڪ تعليمي اداري کي سيل ڪيو ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ٽارگيٽڊ ٽيسٽنگ جي دوران اداري ۾ 18 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ اداري کي سيل ڪيو ويو آهي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته تعليمي ادارو ٻئي حڪم اچڻ تائين سيل رهندو. ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾  فيبروري کان بند تعليمي ادارن کي پوءِ ايس او پيز تحت کوليو ويو آهي.پهرين مرحلي ۾ نائين، ڏهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪول گهرايو ويو آهي. جڏهن ته 23 سيپٽمبر تي ڇهين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪول اچڻ جي اجازت هوندي.

دادو واسي مقتول جو پٽ ماءُ حوالي ڪرڻ وقت  جذباتي منظر

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ان وقت ماحول جذباتي ٿي ويو، جڏهن قتل ٿيل شهري جي پُٽ کي ماءُ حوالي ڪيو ويو، نينگر  جي چاچن طرفان کيس کنڀي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس وچ ۾ پئي ۽ نينگر کي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو، دادو واسي گلشاد الزام هنيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ سندس زال ملوث آهي، هاڻي وري ڀائٽي کي به ماءُ جي حوالي ڪيو ويو آهي، هو عدالت جي اهڙي فيصلي کي نٿا مڃين، درخواستگذارن ڪاوڙ ۾ اچي عدالتي فيصلي جون ڪاپيون ۽ درخواست ڦاڙي ڇڏي، عدالت عورت سميرا کي مڙس کي قتل ڪرڻ وارن الزامن ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.