ڪراچي ۾ شاگردياڻي ڌڪ لڳڻ سبب فوت، جاچ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ اسڪول کلڻ جي پهرين ڏينهن پرائيويٽ اسڪول آيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي پر اسرار نموني ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اسڪول انتظاميا شاگردياڻي جي ڏاڪڻن تان ڪري فوت ٿيڻ قرار ڏئي ڇڏيو، واقعي جو تعليم واري صوبائي وزير نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، گذريل ڏينهن ڪراچي جي عائشه منزل ويجهو قائم ” هيپي گرامر “ پرائيويٽ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي 14 ورهين جي اريبه ڌيءَ آصف پر اسرار نموني ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، فوتي شاگردياڻي کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. اسڪول انتظاميا موجب اريبه اسڪول آئي هئي، هوءَ اسڪول جون ڏاڪڻيون چڙهي رهي هئي ته اتان ڪري زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال پهچايو ويو جتي هن دم ڏنو. ٻئي پاسي اريبه جي وارثن الزام لڳايو آهي ته سندن جي نياڻي کي هٿ سان ماريو ويو آهي.

عام چونڊن لاءِ تڪبنديون نه پيون ٿين: بابر اعواڻ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته عام چونڊن جي لاءِ نيون تڪ بنديون نه پيون ڪيون وڃن، آدمشماري جي ڊيٽا نوٽيفائي ٿيڻ کانپوءِ ان معاملي جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر راڻا محمود الحسن جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻڌايو ته عام چونڊن جي لاءِ نيون تڪ بنديون آدمشماري جي روشني ۾ ٿينديون.

انساني حقن بابت قومي ڪميشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته  حڪومت جو انساني حقن بابت قومي ڪميشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، نه ئي ان کي ريگيوليٽري ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ۾ دير وارو معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ سبب ٿيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران  سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته سال کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ناهي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.