چانڊڪا ايم ايس خلاف پيرا ميڊيڪل جي نائين ڏينهن به هڙتال، مريض رُلي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو ايم ايس جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج نائين ڏينهن ۾ داخل، جسقم چيئرمين ملازمن سان يڪجهتي ڪندي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، ملازمن جو ڀرپور ساٿ  ڏيڻ جي خاطري، ملازمن جي احتجاج ڏورانهن علائقن جي مريضن جو ساهه مُٺ ۾ وجهي ڇڏيو، علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر ٿي ويا. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن يونٽ چانڊڪا اسپتال طرفان نائين ڏينهن به چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي مبينا ڪرپشن ۽ ملازمن سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ خلاف سٽي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي وئي. جتي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، جسقم ضلعي صدر عزيز شيخ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو سميت ٻين شرڪت ڪري پيرا ميڊيڪل عملي جي مڪمل حمايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي صنعان قريشي چيو ته اسين پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج جي حمايت ڪندي کين خاطري ٿا ڪريون ته جسقم جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن هن جدوجهد ۾ گڏ هوندا ۽ اسان جي حمايت جاري رهندي. ٻئي پاسي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر ضمير سانگي، جنرل سيڪريٽري منور منگي، عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاهه، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين الزام لڳايو ته ايم ايس ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ملازمن کي ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪري رهيو آهي جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا. هوڏانهن پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج سبب ڪالهه نائين ڏينهن به لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سميت بلوچستان جي ڪجهه شهرن مان آيل مريضن توڙي سندن وارثن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ او پي ڊي ٻاهران انتظار ڪندي نظر آيا جڏهن ته منجهند ڌاري مريض پنهنجي وارثن سان گڏجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.