نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد، گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد/ لاهور (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. 22 سيپٽمبر جي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي نوازشريف کي مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي ضمانت رد ٿيڻ جي درخواست ڏني آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته پهريان خواجه صاحب جا دليل ٻڌي وٺون پوءِ نيب جي درخواست ٻڌنداسين. اڃان ته اسان کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڇا نوازشريف جي درخواست ٻڌي به سگهجي ٿي يا نه.؟. نواز شريف جي وڪيل خواجه  حارث چيو ته سنگين غداري ڪيس ۾ خاص عدالت پرويز مشرف کي مفرور ۽ اشتهاري قرار  ڏنو هو ان جي باوجود سپريم ڪورٽ جنرل پرويز مشرف جي  وڪيل کي ٻڌو. جوابدار جي پيش نه ٿيڻ جو جواز بنائي ٽرائل کي روڪي نٿو سگهجي. عدالت جوابدار لاءِ سرڪاري وڪيل مقرر ڪري ٽرائل اڳيان وڌائيندي. نوازشريف في الحال عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. عدالت خواجه حارث کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان  اهو چوڻ  چاهيو ٿا ته نوازشريف مفرور قرار ڏنو وڃي خواجه حارث جواب ڏنو ته مون اها به استدعا ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو مفرور ٿيو آهي ته  ڪابه منفي ڪارروائي نه ڪئي وڃي.  جنهن تي عدالت چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي ضمانت غير موثر آهي. هوڏانهن نواز شريف بابت هڪ ٻي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي  نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز جي جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر نواز شريف کي لنڊن ۾ رهڻ جي تجويز ڏني آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.