زيادتي واقعي تي موٽروي جو ڪريڊٽ کڻڻ تان شهبازشريف جي معافي

اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران موٽروي سانحي تي ڳالهائيندي  موٽروي جي تعمير جو ڪريڊٽ وٺڻ نه وساريو، جنهن تي کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،  هن چيو ته اهو واقعو سيالڪوٽ موٽروي تي پيش آيو مان سمجهان ٿو ته اهو چوڻ غيرمناسب نه هوندو ته اهو موٽروي ميان نوازشريف جي سربراهي ۾ ن ليگ ٺهرايو،سياسي اڳواڻن، صحافتي ۽ سماجي حلقن پاران شهباز شريف جي رويي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو ته هاڻي ڏسون ٿا ته ڪير شهباز شريف کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ٿو، سي سي پي او لاهور جي غلط بيان کي خراب ڪوٺڻ به درست هو پر مخالف ڌر اڳواڻ جي اخلاق کان ڪريل ڳالهه تي هن کان استعيفيٰ وٺڻ گهرجي، صحافي ماريه ميمڻ چيو ته ڇا هي شخص واقعي سنجيده آهي؟ شهباز شريف هتي ڇا چوڻ جي ڪوشش پيو ڪري؟ صحافي عاصمه شيرازي به ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته انتهائي غيرضروري ۽ ناقابل قبول بيان آهي، عورت سان زيادتي جي ذڪر دوران موٽروي جي ساراهه سمجهه کان مٿانهين آهي، حقيقت اها آهي ته اسان جي سياسي اڳواڻن جي اڪثريت اهڙن واقعن جي حساسيت نٿي سمجهي،هوڏانهن شهبازشريف پنهنجي بيان تي معافي وٺندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي لفظن جي مناسب چونڊ نه ڪري سگهيس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.