موٽروي زيادتي واقعي ۾ مک جوابدار نه پڪڙيو، ٻيو ساٿي بالا مستري سوگهو

لاهور (م ڊ) لاهور موٽروي واقعي ۾ مک جوابدار عابد پڪڙجي نه سگهيو، سندس ٻيو ساٿي بالا مستري گرفتار ٿي ويو آهي. جوابدار شفقت کي  اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. عدالت پراسڪيوشن جي جوابدار جي سڃاڻپ پريڊ ڪرڻ واري استدعا منظور ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ جوابدار شفقت کي سيشن ڪورٽ ۾ کيس پيش ڪيو ويو هو، جتي کيس 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار کي ٻيهر اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو. اي ٽي سي جوابدار کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. پوليس جوابدار عابد ۽ شفقت جي ساٿي بالا مستري کي چيچا وطني مان گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب بالا مستري جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته عورت سان لڄالٽ واري رات هو به عابد ۽ شفقت سان گڏ ڦر جي نيت سان نڪتو هو، پر اڌ رستي تي ئي واپس هليو ويو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.