سرڪاري دستاويزن ۾ ڪالاباغ ڊيم ”زندهه“سينيٽ ۾ گوڙ، رياست ڏائڻ بڻجي وئي آهي: اپوزيشن

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سينيٽ ۾ جماعت اسلامي، پاڪستان پيپلزپارٽي سميت مخالف ڌر پارٽين ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان الزام هنيو ته منهنجي سوال جي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تعمير  تي عملدرآمد جي لاءِ تياري مڪمل آهي. هن چيو ته انهن ڊيمن جي تعمير سان اسان جو صوبو سخت متاثر ٿيندو، تڪراري منصوبن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ غيرتڪراري منصوبن جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. هن ايوان ۾ ڏنل لکت واري جواب تي احتجاج ڪيو، مخالف ڌر پارٽين جي ٻين ميمبرن پڻ احتجاج ۾ ان جو ساٿ ڏنو. حڪومت پاران انهن ڊيمن جي تعمير جو ڪو فيصلو نه ڪرڻ جي اعلان جي باوجود مخالف ڌر ميمبرن گوڙ جاري رکيو. جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ميمبر پنهنجي ڳالهه ڪري ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو پيدا ڪن. سينيٽر رضا رباني چيو ته چيئرمين سان متفق آهيان ته هائوس جو ماحول بهتر هجڻ گهرجي پر سنڌ ٽي ڀيرا ۽ باقي صوبن به ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي آهي جيڪا رڪارڊ تي آهي، انهن تي عملدرآمد انهي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن چار ئي صوبا ان تي متفق هجن، سي سي آءِ ۾ اتفاق راءِ ٿئي، وزارت پاران اهو جواب ته اهو منصوبو عملدرآمد جي لاءِ تيار آهي مناسب نه آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هن ايوان جي وڏي عزت آهي، جڏهن سوال اچي ٿو ته ان جو جواب به اچي ٿو، جيڪڏهن جواب ۾ ڪا شيءَ آئي آهي ته ان سان فيصلو نه ٿيندو، فيصلو صوبن جي اتفاق راءِ سان ٿيندو ۽ لاڳاپيل فورم تي ٿيندو، جڏهن ته  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته چئني صوبن ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اتفاق راءِ ٿيڻ تائين ڪالاباغ ڊيم نه ٿو ٺهي سگهي، جڏهن ته حڪومت يقين ڏياريو آهي ته هن ڪالاباغ ۽ اکوڙي ڊيم ٺاهڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان چيو ته حڪومت ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم ٺاهڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪو به ڊيم نه ٿو ٺهي سگهي، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته موٽروي واقعي کي ڄاڻي واڻي مس هينڊل ڪيو ويو، سي سي پي او لاهور کي هٽايو وڃي، واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، جوابدار جي ويجهو پهچڻ جو چوڻ بعد ٻڌايو ويو ته هو پوليس کي ڏسندي ئي ڀڄي ويو، ڇا جوابدار هيليڪاپٽر تي ۽ پوليس اهلڪار پنڌ هئا، ملڪ ۾لا اينڊ آرڊر نالي ڪا شيءَ ناهي، هن چيو ته شوڪاز نوٽيس بعد سي سي پي او لاهور کي پاڻ ئي هليو وڃڻ گهرجي ها،ن ليگ جي سينيٽر مشاهدالله خان چيو ته اين ايڇ اي جي وزير مطابق زيادتي واقعو موٽروي تي رنگ روڊ تي ٿيو پوءِ ته سي سي پي او لاهور ذميوار آهي، حڪومت سي سي پي او کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي، جيڪڏهن عمر شيخ ايترو سٺو آفيسر آهي ته آءِ بي هن خلاف رپورٽ ڇو ڏني؟ يا ته پوءِ آءِ بي غلط رپورٽ ڏني، سرڪاري ملازم جي ڪا به معافي ناهي هوندي، هن خلاف ايڪشن ٿيندو آهي، پي ٽي آءِ جي ثمينه عابد چيو ته ماڊل ٽائون تي توهان ڪهڙي سزا ڏني؟ جنهن تي مشاهد الله خان جواب ڏنو ته توهان جي حڪومت ٻن سالن کان آهي، ڏئي ڇڏيو سزا.بلديه سانحي ۾ ملوث ماڻهو توهان سان گڏ ويٺا آهن، پ پ جي رضا رباني چيو ته سرعام ڦاهي ڏيڻ سان معاشرو وڌيڪ ظالم ٿيندو، سرعام ڦاهي ڇا ضيا الحق نه ڏني هئي؟ ڇا ريپ ۽ ڏوهه ختم ٿي ويا هئا؟ هن چيو ته اعتزاز احسن چيو هو ته رياست هوندي ماءُ جهڙي پر هتي ته رياست ڏائڻ جهڙي بڻجي وئي آهي، حڪومت سي سي پي او کي هٽائي ته اها ان سوچ تي چماٽ هوندي ،پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان چيو ته قومي اسيمبلي زيادتي جي جوابدارن کي چوڪن تي ڦاهي ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي، سينيٽ به ان ٺهراءُ جي حمايت ڪري،  پ پ جي شيري رحمان چيو ته سي سي پي او چوندو رهيو ته عورت رات جو ٻاهر ڇو وئي،؟ نئين پاڪستان مان پيغام ڏنو ويو ته عورت ۽ ٻار تحفظ جا حقدار ناهن، هن چيو ته پيغام آيو آهي ته سرعام ڦاهي ڏني وڃي، منهنجي پارٽي ان تي يقين نٿي رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.