سنڌ جا ٻوڏمتاثر نظرانداز ڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ رليف جي ڪاررواين جا تفصيل معلوم ڪرڻ جي لاءِ معاملو  ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر ڪميٽي جي اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ سان سوتيليءَ ماءُ جو نه پر پياري ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ طوفاني برساتن جي ڪري ٿيندڙ انساني تباهي بابت منور علي ٽالپر، شازيه مري، شميم آراءَ ۽ نواب يوسف ٽالپر جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته جتي لفظ آفت يا قدرتي آفت اچي ٿو ته ”قوم“ جو لفظ استعمال ڪرڻ گهرجي. حڪومت جي لاءِ پورو ملڪ اهميت رکي ٿو. شازيه مري چيو ته اين ڊي ايم اي ناڪام ٿي آهي. هيستائين اين ڊي ايم اي سنڌ کي 2 هزار تنبو ڏنا آهن. 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. 25 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. بابر اعواڻ چيو ته سنڌ پنهنجي پاران 43473 تنبا ڏنا، اين ڊي ايم اي 29 هزار تنبو ڏنا. اين ڊي ايم اي 10 هزار ترپال ۽ 1450 ترپال سنڌ حڪومت ڏنا. جيڪڏهن انگ اکر غلط هجن ته اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي ڪميٽي ۾ گهرائي سگهجي ٿو. نواب يوسف ٽالپر زرعي قرضن جي معافي ۽ فصلن جي نقصانن جي ازالي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته 60 سيڪڙو زرعي زمين ۾ پاڻي موجود آهي ۽ جيڪڏهن ان جي نيڪالي جو بندوبست نه ٿيو ته ايندڙ فصل جي پوکيءَ نه ٿي سگهندي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته قومي رابطا ڪميٽي اين سي سي جي اجلاس ۾ پڻ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت اتي جيترا انگ اکر پيش ڪيا وزيراعظم ان تي اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت کي سمورا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.