برسات متاثرن کي احساس پروگرام ذريعي امداد ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي ڪابينا جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي  وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا ڏوهاري ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.وفاقي ڪابينا ٻٽي شهريت وارن کي اليڪشن وڙهڻ جو حق ڏيڻ ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجهي راءِ شماري ختم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي, وفاقي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ميمبر چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ عمل شروع ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، هن چيو ته نواز شريف جي حوالي سان عدالت جو فيصلو اچي ويو آهي ٿورو به عدالت جو احترام آهي ته کيس واپس اچڻ گهرجي هاڻي ته شريف فيملي جي ٻيا ماڻهو به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي چڪرن ۾ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.