وفاق برسات متاثرن لاءِ في ڪس هڪ لک رپيا امداد ڪري: وڏو وزير

ڪراچي ( رپوٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪالهه مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وڏي وزير سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سفيرن کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪورونا جا حملا اڃا گهٽ ٿيا آهن ته اسان برسات جي تباهين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته ڪورونا سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ڪيو. عوام جي مدد لاءِ منصوبا جوڙي رهيا هئاسين ته برسات جي تباهي اچي وئي، اسان ڪرونا جي حوالي سان به قدم کنيا، شهر بند ٿي ويا ۽ روزگار جا ذريعن متاثر ٿيا. وڏي وزير چيو ته ڪراچي، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ بدين جي علائقن ۾ متاثرن لاءِ خيما بستي قائم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سفيرن کي ملٽي ميڊيا تي مختلف علائقن جون ويڊيوز پڻ ڏيکاريون ويڊيوز ۾ ميرپور خاص کان عمرڪوٽ تائين پاڻي ئي پاڻي هو. وڏي وزير چيو ته اسان 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. هن چيو ته متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. ڪراچي سميت 20 ضلعن ۾ روڊن، گهرن جي تعمير ۽ ندي نالن جي مرمت جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته 4 لک خاندانن کي في ماڻهو هڪ لک رپيا مدد ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 11 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا جڏهن ته 15233 ٻهراڙيون متاثر ٿيون آهن ۽ 77342 گهر مڪمل طور تي ڪري ويا آهن جڏهن ته 137178 گهرن کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪالهه يونيسيف ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڊبليو ايف پي ۽ يونيسيف وڏي وزير کي فوڊ سيڪيورٽي ۽ لائيو اسٽاڪ جي نقصانن ۾ مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.