حيدرآباد ۾ پٽ گوليون هڻي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نافرمان پٽ گولي هڻي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس  جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾  نوجوان  جبران گولي هڻي پنهنجي 49 ورهين جي پيءُ ڪامران يوسفزئي کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو پر هن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي،ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿيل ڪامران ولد رئيس خان ڪولهي پاڙو هڏي مل ڪالي روڊ جو رهواسي هو ۽ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. سندس پٽ جبران به سبزي مارڪيٽ ۾ مزدوري ڪندڙ آهي. مقتول اڍائي سال اڳ پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، جنهن ڪري سندس پٽ هن سان ناراض هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جبران پنهنجي پيءُ کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ به چوندو رهندو هو جنهن تي سندس پيءُ ڪاوڙ ڪري کيس گهران ڪڍي ڇڏيندو هو. ان اڻبڻت جي ڪري جبران گولي هڻي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ گهران فرار ٿي ويو جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جبران پنهنجي پيءُ جو لاش کڻي اسپتال پهتو ۽ لاش ڇڏي فرار ٿي ويو جنهن کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.