ڪراچي ۾ عورت کي موٽرسائيڪل هلائڻ لاءِ لائسنس کان انڪار

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ عورتن کي موٽرسائيڪل جي لائيسنس جاري ڪرڻ کان روڪيو ويو، لائيسنس برانچ انتظاميا موٽرسائيڪل جو لائيسنس حاصل ڪرڻ لاءِ آيل شرين فيروزپور واريءَ کي اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته هي لائيسنس عورتن لاءِ نه پر مردن لاءِ آهن، صحافي مديحه سيد  سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب کان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي ان باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي؟ ڇا عورتن کي لائسنس جاري نه ڪرڻ جي باري ۾ ڪو قانون آهي، جيڪڏهن آهي ته ايئن ڇو آهي،سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ عافيه سلام واضح ڪيو ته ايئن ناهي، ان جي ابتڙ ويمن آن ويلز مهم ۾ سنڌ سرڪار معاون هئي، مرتضيٰ وهاب ۽ شهلا رضا ان تقريب ۾ موجود هئا، انهن لائسنس ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، مرتضيٰ وهاب بي بي سي کي ٻڌايو ته اهڙو ڪو قانون موجود ناهي، بلڪه وڏي وزير جي هدايت تي 600 عورتن کي لائسنس جاري ٿي چڪا آهن، ان واقعي جي ڄاڻ وٺنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.