مروا زيادتي بعد قتل ڪيس، جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي عيسيٰ نگري واري علائقي ۾ معصوم ٻارڙي مروا کي زيادتي ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس جي غير سنجيدگي، ڪيس چالان ٿيڻ کان اڳ ئي گرفتار جوابدار نواز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پراسيڪيوٽر جوابدار نواز کي آزاد ڪرڻ واري پوليس جي استدعا تي اعتراض واري ڇڏيو آهي ، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جو چالان پيش ٿيڻ تائين ڪنهن به جوابدار کي بيگناهه قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، پوليس جوابدار عبدالله ۽ فيضو کي به اي ٽي سي آڏو پيش ڪيو، مروا ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته جوابدار عبدالله ٻارڙي مروا جو لاش ڪچري جي ڍير تي اُڇلايو، عبدالله ئي واقعي واري هنڌ جي نشاندهي ڪئي هئي، ٻنهي جوابدارن جو ڊي اين اي ڪرائڻو آهي، عدالت  جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 26 سيپٽمبر تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.