موٽروي واقعي تي رياست ستل رهي، جمهوريت يرغمال آهي: سراج الحق

لاهور (بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق عالمي يوم جمهوريت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري  ڪيل خبر ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ جمهوري عمل جي ذريعي سان ٺهيو هو پر 73 سالن کان هتي جمهوريت کي قدم ڄمائڻ نه ڏنا ويا آهن. ملڪ تي 35 سال آمريت رهي آهي ۽ باقي اڌ عرصو جمهوريت جي نالي تي شخصي حڪومتون مسلط رهيون آهن. ملڪ ۾ جمهوريت يرغمال آهي ۽ انتخابي نظام ۽ ووٽر آزاد نه آهن،هوڏانهن سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته هڪ ڌيءُ رات جي وقت ۾ حڪومت ۽ رياست کي سڏيندي رهي پر اهي ستل رهيون ان تي قيامت گذري وئي. افسوس جو مقام اهو آهي ته ڪجهه سينيٽر هتي آيا ايف اي ٽي ايف تي پنهنجون تجويزون ڏئي ڪري هليا ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.