پريشان ماڻهن کان نئين پاڪستان بابت سوال پڇيا وڃن ٿا: وزيراعظم

لاهور(بيورو+م ڊ) وزير اعظم عمران خان لاهور جي ڀرسان نئون شهر وسڻ لاءِ راوي ريور فرنٽ اربن ڊويلپمنٽ پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿ رکي ڇڏيو.وزير اعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي ان منصوبي جي ذريعي نيا پاڪستان جو تصور نظر پيو اچي، هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو نيا پاڪستان کي ڏکيائين سان جوڙي رهيا آهن، جڏهن ته ڏکيو وقت ايندو آهي ته ڪيمرا ۽ مائڪ پڪڙي ماڻهن کان پڇندا آهن ڪٿي آهي نيا پاڪستان؟ ملڪ ۾ واقعي مهانگائي ٿي آهي ۽ خراب حالتون آهن، جڏهن ته ڏکين حالتن ۾ اهڙا سوال ڪنداسين ته ماڻهو گهٽ وڌ چوندا.وزير اعظم جو چوڻ هو ته قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ سان ملڪ کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو آهي، اڳوڻي حڪمرانن جي ترجيح پيسو بڻائڻ هو، ماضي جا حڪمران ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪي ويا، ته ماڻهن کي ڏکيائين مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته لاڪ ڊائون حامين وٽ ڪو به جواب نه هو ته غريبن جو ڇا ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.