ڊينئل پرل قتل ڪيس: جوابدار جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن عمرشيخ سميت ٻين جي نظربندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻيڪئي،  جوابدارعمرشيخ جي وڪيل جي  غير حاضري تي ٻڌڻي 2آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .درخواستگذارن جو موقف آهي ته ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ به جوابدارن کي نظر بند ڪيو آهي .جوابدار 20سالن کان قيد ۾ آهي .

آربي او ڊي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سردار علي شاهه بدلي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي آر بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد سردار علي شاه کي بدلي ڪري گڊو بئراج جو چيف انجنئير مقرر ڪري ڇڏو. گڊو بئراج  تي چيف انجنئير طور مقرر ٿيل مقصود احمد سيھڙ کي آر بي او ڊي جو پي ڊي مقرر ڪيو ويو. سنڌ سرڪار هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ذريعي مشتاق احمد سومرو کي ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو.

انتظارقتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي بدلي واري درخواست منظور

ڪراڇي (رپورٽر)دهشتگردي ٽور عدالت انتظارقتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي بدلي جي درخواست منظورڪندي ڊي آءِ جي کي حڪم ڏنو ته قابل آفيسر کي جاچ آفيسر مقررڪيو وڃي ته جيئن ڪيس جلدي اڪلايو وڃي .هي درخواست قتل ٿيل نوجوان انتظار حسين جي والد اشيتاق حسين ڏني آهي .

وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ سراج دراني جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ آغا سراج دراني جو پٽ آغا شهباز ردراني پيش ٿيو ، عدالت آغا سراج دراني جي گهر واري سميت ٻين ميمبرن جو درخواستون چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏيون، عدالت  جو چوڻ هو ته اسپيشل بينچ جوڙڻ بعد درخواستن کي باقاعده ٻڌو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبرتائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ،آغا سراج دراني جي ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي .

ٻارن سان زيادتي واقعن تي ڳڻتي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان  بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ٻارن جي گم ٿيڻ ۽ زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته ٻارن سان زيادتي ۽ گم ٿيڻ جي نواقعن جي روڪٿام جي لاءِ اسان سڀني کي ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جو تحفظ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قانون سازي پڻ ڪئي وئي آهي، ٻارن جي گم ٿيڻ ۽ زيادتي جي واقعن تي سڀ کان پهريان ون فائيو 15 مددگار تي اطلاع ڏني وڃي،

حيدرآباد ۾ ڇاپو، لکين رپين جا غير ملڪي سگريٽ هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) ڪسٽم انٽيليجنس ونگ جي هڪ ٽيم لياقت ڪالوني ۾ حبيب سينٽر وٽ هڪ گدام تي ڇاپو هڻي لکين  رپين جي ماليت جا ملڪي ۽ غير ملڪي سگريٽ تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو گدام عبيدالله نالي شخص جو آهي. ڪسٽم انتظاميا دڪاندار کي ٻڌايو ته انهن سگريٽن جي ڊيوٽي ادا ٿيل نه آهي جنهن ڪري ان کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ماليت 20 کان 30 لک رپيا هئي. ان معاملي بابت ڪسٽم اختيارين جو ڪو به موقف سامهون نه آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.