ٻيٽن تي شهر اڏڻ عالمي قانون خلاف قرار، صدر به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر) سڄاڻ ڌرين ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ  کي گڏيل قومن جي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي  چيو آهي ته ان سان 8 لک مهاڻن جو روزگار کسجي ويندو.  پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته  سنڌ جي سمنڊ ۾ 300 کان مٿي وڏا ننڍا ٻيٽ موجود آهن. اهي ٻيٽ ماضي ۾ سمنڊ جو حصو نه هئا پر ڊيلٽا جو حصو رهيا هئا ۽ آهن. انهن ٻيٽن کي سنڌو پنهنجي وهڪرن سان گڏ آڻيندڙ مٽي سان تخليق ڪيو آهي. گھربل پاڻي ڏيڻ بدران انڊس ڊيلٽا ۾ موجود ٻيٽ  وڪرو ڪري اُنهن تي جديد شهر اڏڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پائلر پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سن 2000 ۾ جنرل پرويز مشرف هڪ لساني تنظيم سان گڏجي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ صدين کان وجود رکندڙ ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ جي ڪپ تي قائم ٻن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي ٿائيلينڊ حڪومت ذريعي ٽيڪنيڪل سٽي نالي سان هڪ جديد شهر اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو.  ڪرامت علي چيو ته جنرل پرويز مشرف جي ئي دور ۾ ٻيهر 2006 ۾ دُبئي جي عمار ڪمپني کي انهن ٻيٽن جي 12000 ايڪڙ زمين وڪرو ڪئي وئي، جنهن تي عمار ڪمپني ڊائمنڊ بار آئلينڊ سٽي تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. مهاڻن جي تنظيمن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي شديد احتجاج ۽ مزاحمت جي ڪري عمار ڪمپني ان منصوبي مان هٿ ڪڍي وئي. جڏهن ته  2013ع ۾ وري پيپلز پارٽي جي دور ۾ ملڪ رياض کي سيف سٽي نالي منصوبو جوڙڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ روڪي ڇڏيو. عمران خان جي وفاقي حڪومت، ترقي جي جادوگرن سان گڏجي سنڌ جي ساڳين سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي جديد شهرجي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي. حبيب الدين جنيدي چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ملڪ رياض سميت ملڪ جي وڏن بلڊرن جي هڪ اجلاس  بابت ستم ظريفي ته ڏسوته وفاقي سرڪار ماضي وانگر هن دفعي پڻ سنڌ سرڪار سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪرڻ ۽ اُنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جو اهو طريقو نه رڳو ملڪي آئين، قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، بلڪ گڏيل قومن جي مختلف ڪنوينشنن ۽ معاهدن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي، جيڪي ماڻهن جي سماجي ، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جي ضمانت ڏين ٿا. حقيقت آهي ته آئيني ۽ قانوني طور سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انھن تي ماھيگيرن جا تاريخي (ڪسٽمري) حق آھن. جڏھن ته سنڌ حڪومت انهن جي سنڀاليندڙ (ڪسٽوڊين) آهي. هنن چيو ته   ڏنگي ۽ ڀُنڊار ٻيٽن سميت ڪيترا ئي ٻيٽ هزارين هيڪٽر تمر جي ٻيلن جي پناھ ۾ وجود رکن ٿا. اهي تمر جا ٻيلا مڇي ۽ جھينگن جون نرسريون آهن.  هن چيو ته ماضي ۾  هاڪس بي جي سامونڊي پٽي جي 60000 ايڪڙ زمين تي واٽر فرنٽ شگرلينڊ سٽي جي نالي سان جديد شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوهو. ڪراچي جي ان وقت جي سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال صحافين کي ٻڌايو ته هاڪس بي تي ”ڪراچي واٽر فرنٽ شوگرلينڊ“ جي نئين شهر جي تعمير جي ماسٽر پلان کي آخري شڪل ڏني وئي هئي. فشنگ گرائونڊس مٽجي ويندا. جنهن جي نتيجي ۾ ماهيگيرن ۾ بيروزگاري جو انگ وڏي پيماني تي وڌي ويندو. سنڌ جي سامونڊي پٽي جا لڳ ڀڳ 8 لک مهاڻا پنهنجي تاريخي روزگار مان بيدخل ٿي غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا.  اسان جا مطالبا آهن ته اهڙي قسم جا غير آئيني قدم کڻڻ کا پرهيز ڪئي وڃي ۽ انهن ٻيٽن تي ماهيگيرن جا حق تسليم ڪندي انهن تي ڪنهن به قسم جي اڏاوت تي پابندي لڳائي وڃي.03

وزيراعظم ڪراچي کي الڳ ملڪ ٺاهڻ جون ڳالهيون پيو ڪري: نثار کهڙو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ جي ڳالهھ ڪئي ۽ وزيراعظم ته  هاڻي ڪراچي کي الڳ ملڪ ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آھي، مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي کانسواءِ باقي ٻوڏ متاثر علائقن جي سهائتا کان انڪاري آھي،سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ برپا ڪندڙ ايل بي اوڊي منصوبو 80ع ۾ ضيائي دور ۾ واپڊا ٺاهيو،ايل بي اوڊي جي ٽيڪنيڪل خامين جي ڪري پاڻي ابتو وهي تباهي برپا ڪري ٿو،پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا ٿيل آھن جيڪي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون،هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن کان اڳ مردم شماري جو مطالبو ڪريون ٿا.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاق جو قبضو قبول ناهي: بنگل مهر

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) راندين ۽ جنگلي جيوت کاتي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار مير بنگل خان مهر چيو آھي ته  ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي وارين سازشن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو. خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ماڻھن جا مسئلا ٻڌڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن وفاق  پنهنجي اختيارن ۽ طئه ٿيل حدن ۾ رهي . مير بنگل خان مهر جو چوڻ ھو ته ڳالهه رڳو ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي ناهي پر خوشحالي جي نالي تي وفاق پوري سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو هرگز ڪرڻ نه ڏنو ويندو . هن وڌيڪ چيو ته وفاق کي سنڌ جي عوام سان نه پر  سنڌ جي وسيلن سان  دلچسپي آھي.

سنڌ سرڪار ٻيٽن تي سوديبازي ڪئي ته قومي ڏوهه هوندو: جلال شاهه

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت پاران اٿارٽي جو قيام ۽ صدر طرفان گورنر هائوس ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملي ٻيٽن تي اڏاوت ڪرائڻ جي منصوبابندي صوبائي خودمختياري ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ايس يو پي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي مجرماڻي خاموشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت سان سندن معاملا ڏي وٺ جي بنياد تي طئه ڪرايا ويا آهن. جيڪڏھن سنڌ حڪومت جو پنهنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ٻيٽن، سامونڊي پٽي ۽ سنڌ جي قومي مفادن تي ڪوبه ٺاھ ڪيو ته اهو سنڌ سان قومي ڏوھ تصور ڪيو ويندو. آئيني ۽ قانوني طور 2200 ناٽيڪل ميل سامونڊي پٽي سنڌ جي ملڪيت آهي سنڌ حڪومت کي ٻيٽن جي تحفظ لاءِ پنهنجيون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. سنڌ اڳ ۾ ئي ڌارين جي لوڌ سبب ڊيموگرافي جي چيلنجن کي منهن ڏئي رهي آهي ٻئي پاسي ٻيٽن کي وڪرو ڪري اتي ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ويندو جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيندا، اسان ان سموري صورتحال کي سنڌ خلاف ٿيندڙ عالمي سازش جو حصو سمجهون ٿا.03

ٻيٽن سميت سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين: رياض چانڊيو

ڪيٽي بندر ( ت ر)  جيئي سنڌ محاذ پاران 27 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ رٿيل   تحفظ سنڌ  ريلي جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ سامونڊين پٽي جي علائقن ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ جو دورو  ڪيو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ آهي ڪراچي کي ڪير به سنڌ کان ڌار ڪري نٿو سگهي . هن چيو ته سنڌ پوري پاڪستان کي روينيو ڏي ٿي موٽ ۾ سنڌ کي بک بدحاليءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. ٻيٽن سميت سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. برساتن ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر حڪومت انهي جي سار نه لڌي آهي.هن چيو ته 27 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ تحفظ سنڌ ريلي ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي اهو ثابت ڪندا ته سنڌ هڪ آهي سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين .03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.