فوج جو مذاق اڏائڻ تي 2 سال ٽيپ، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) هٿياربند فوج جي ڄاڻي واڻي مذاق اُڏائڻ جو بل فوجداري قانون (ترميمي) ايڪٽ 2020ع قومي اسيمبلي ۾  پيش ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين امجد علي خان اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان بل تحت ايڪٽ نمبر 45 بابت 1860ع ۾ شق 500 کانپوءِ نئين شق 500 الف شامل ڪئي وئي آهي جنهن جو عنوان هٿياربند فوج وغيره جو ڄاڻي واڻي مذاق اُڏائڻ آهي. ان شق تحت جيڪو به پاڪستان جي هٿياربند فوج يا ان جي ڪنهن ميمبر جي مذاق اُڏائڻ ڪري ٿو، وقار کي نقصان پهچائي ٿو يا بدنام ڪري ٿو اهو اهڙي ڏوهه جو قصوروار هوندو جنهن جي لاءِ ٻه سال قيد جي سزا يا پنج لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون. ان ترميم جو مقصد هٿياربند فوج جي خلاف نفرت انگيز ۽ گستاخ رويي جو خاتمو ڪرڻ آهي. هٿياربند فوج جي اداري جي ساک کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته  قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي واري بل 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل (ٽئين ترميم) منظور ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.