سنڌ جو مطالبو قبول، اليڪشن ڪميشن پاران وفاق کان آدم شماري جا انگ اکر طلب

ڪراچي(رپورٽ: خدا ڏنو شاهه)سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبندين بابت  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ سرڪار جو مطالبو تسليم ڪندي، 2017ع جي  آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي.   اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سنڌ ۾ 30 آگسٽ تي مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جو مدو پورو ٿيو ۽ 120 ڏينهن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي، انهي ڪري اليڪشن ڪميشن 31 آگسٽ تي نين چونڊن کان اڳ سنڌ حڪومت کي خط لکي تڪ بندين لاءِ چيو ۽ 30 آڪٽوبر تائين تڪ بنديون ٿيڻيون هيون، پر سنڌ حڪومت ۽ پ پ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي ٻڌايو ته 2017ع جي آدم شماري جا سرڪاري  انگ اکر ظاهر نه ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن غير حتمي انگن اکرن جي بنيادن تي نيون تڪ بنديون نٿي ڪري سگهي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ ان گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آبادي جا انگ اکر تڪ بندين لاءِ انتهائي ضروري آهن ۽ 2017ع جي مردم شماري جا سرڪاري انگ اکر به ضروري آهن.  اليڪشن ڪميشن آدمشماري بابت سنڌ سرڪار،  ايم ڪيو ايم ۽  پ جي عدالت ۾ پٽيشن کي نظر ۾ رکندي پارلياماني معاملن ۽ قانون واري وزارت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا حتمي طور ۽ سرڪاري سطح تي انگ اکر فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي لکيو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.