لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن ناڪام قرار، مدو نه وڌايو وڃي: آءِ سي جي

جنيوا(م ڊ) انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽ(آءِ سي جي) پاڪستان ۾ جبري طور تي گم ڪيل ماڻهن جا معاملا ڏسڻ لاءِ بڻايل ڪميشن جي  ڪارڪردگي کي ڏسندي ان ڪميشن جي مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي  آهي، آءِ سي جي چيو آهي ته اها ڪميشن جبري طور تي گم ڪيل ماڻهن جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جو تعين نه ڪري سگهي ۽ پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ به ناڪام رهي آهي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ جبري طور تي لاپتا ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ بڻايل ڪميشن جو مدو 14 سيپٽمبر  تي ختم ٿي چڪو آهي، قانون واري وزارت جي ذريعن موجب ان ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي، ان سمري جي منظوري کانپوءِ ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، آءِ سي جي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ان ايڪٽ تحت وفاقي سرڪار کي اهو اختيار آهي ته اها ڪنهن کي به ان ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري سگهي ٿي، ان ڪميشن جي سربراهه جي مقرري جي حوالي سان جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به طور تي عالمي معيار سان نٿو ٺهڪي، جنهن ايڪٽ تحت اها ڪميشن جوڙي وئي آهي ان ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته ڪميشن نيڪ نيتي سان جبري طور تي لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪم ڪندي آهي، ان ڪري وفاقي سرڪار يا ڪميشن خلاف عدالتن ۾ درخواستون داخل نٿيون ڪري سگهجن، آءِ سي جي چيو ته ان ڪميشن جي تعريف  جي باري ۾ وڏا مسئلا آهن يعني جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڳجهي اداري جي تحويل ۾ آهي ته ان کي جبري طور تي لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي،آءِ سي جي پنهنجي رپورٽ ۾ انهن 213 ماڻهن جو ذڪر به ڪيو آهي جن کي مبينه طور تي جبري طور تي لاپتا ڪيو ويو پوءِ ان عرصي دوران انهن جا موت ٿي ويا ۽ ڪميشن انهن جبري گمشدگين جي باري ۾ فائل بند ڪري ڇڏيا، اهڙين حالتن ۾ جبري طور تي لاپتا ڪيل ماڻهن جي بنيادي حقن جي به ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ جبري گمشدگين جو معاملو 1970ع کان هلندو پيو اچي، بي بي سي موجب پاڪستان ۾ جبري طور گم ڪيل ماڻهن جو انگ 10 هزار کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ان ڪميشن مطابق انهن وٽ 6 هزار کان وڌيڪ درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، ان ڪميشن جي ڪارڪردگي بابت پاڪستان ۾ به ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن سوال اٿاريا آهن، 2014ع ۾ هڪ عدالتي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ واضح طور تي لکيو هو ته آءِ ايس آءِ، ايم آءِ يا رينجرز  کي ڪنهن به طور تي ڪنهن فرد کي کنڀڻ جو اختيار ناهي، صحافي راشد حبيب مطابق جڏهن عدالتن پاران ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا وڃن ٿا ته ان جي ڪجهه دير بعد ئي ان ڪميشن پاران هڪ پريس رليز جاري ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ ان ڪميشن جي سربراهه جسٽس(ر) جاويد اقبال جي ” بهترين ڪارڪردگي“ جا راڳ آلاپيا وڃن ٿا،  هن چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ان معاملي تي 17 سيپٽمبر تي هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي، ڪميشن جي رجسٽرار فريد خان پاران جاري ڪيل تازي رپورٽ مطابق هن سال جولاءِ تائين ڪميشن 4516 ڪيسن کي اڪلايو آهي جڏهن ته اڃا به ان ڪميشن وٽ 6729 ڪيس التوا ۾ پيل آهن.

سنڌ مان کنڀيل نوجوانن جي وارثن جي زندگي عذاب بڻيل، آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو(رپورٽر+نمائندا) سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ سڀا جو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڇويھين ڏينھن به  ڌرڻو جاري رھيو، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي ۽  انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن جيئي سنڌ قومي پارٽي جو وفد نواز خان زنئور جي اڳواڻي ۾، نيشنل ڊيموڪريٽڪ جو صدر ممتاز بروهي، ايڇ آر سي پي اڳواڻ اسد اقبال بٽ، آڪاش ملاح، وڪيل محمد خان شيخ، نوردين جمالي، عاشق اوڍاڻو، منور کوکر، غفار ميرجت، سعيد چانڊيو ۽ کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي امڙ، غلام رسول شر، بشير شر جي والد، نسيم بلوچ جي مڱيندي ۽ محفوظ نوتڪاڻي جي وارثن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي انعام چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندڙ ڌريون اسان جا ٻچا کنڀي گم ڪري رھيون آھن، جيڪو غير قانوني عمل آھي ۽ ان عمل خلاف سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون خاموش آھن، ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي ھاسٽلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جنھن خلاف ڊائو يونيورسٽي جا شاگرد ٽن ڏينھن کان بک ھڙتال تي ويٺل آھن جن مان ٻن ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي آھي، اسان سنڌ سرڪار جي ان عمل جي بھ مذمت ڪيون ٿا ۽ گھر ٿا ڪيون ته قبضو ڪيل ھاسٽل خالي ڪرائي شاگردن حوالي ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ فقير اعجاز ڳاھو، سھيل رضا ڀٽي، شاھد جوڻيجي، مرتضيٰ جوڻيجي، انصاف دايو، حيدر کوسو سميت سوين ڪارڪنن کي ٽن سالن کان کنڀي گم ڪيو ويو آھي پر انھن کي کنڀيندڙ نه ڪو ڏوھ ٿا ٻڌائين ۽ نه ئي کين آزاد ڪيو ٿو وڃي، ڌرڻي ۾ نور باگڙي، ولي محمد راڄپر، زاهد بگٽي، حاني بلوچ، اي ڊي راهمون ۽ ٻئي موجود هئا،هوڏانهنلاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل انصف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو ۽ افسانه دايو، ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن شيراز احمد سومرو ۽ فراز احمد سومرو جي پيرسن امڙ رحمت خاتون سومرو، کنڀي گم ڪيل غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءُ عبداللطيف سولنگي ۽ کنڀي گم ڪيل ڪاشف علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ احتجاج ڪيو، ٻئي پاسي وڪيل محب آزاد لغاري جي جبري گمشدگي خلاف ڪالهه 11 هين به ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي سڏ تي ڪورٽن جي هڪ ڪلاڪ جزوي هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار جي صدر تاج محمد ڪيريو، ڪي بي لغاري، غلام الله چانگ ۽ سجاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته محب آزاد لغاري کي 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرايو ويو آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هنن اختيارين کان وڪيل محب آزاد لغاري جي محفوظ واپسي جو مطالبو ڪيو.

حڪمن تي عمل نه ڪرائيندڙ ادارو نه هجي ته بهتر آهي: آمنه مسعود

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم جي چيئرپرسن آمنه مسعود  جنجوعه جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ جبري طور تي لاپتا ڪيل ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ انهن واقعن جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي آهي، اهڙن ماڻهن جي بازيابي لاءِ جيڪو ادارو بڻايو ويو آهي ان جي ڪارڪردگي کي ڪنهن به طور تي بهتر نٿو ڪري سگهجي، جيڪو ادارو پنهنجي حڪمن تي عمل نٿو ڪرائي سگهي ته اهڙي اداري جو نه هئڻ ئي بهتر آهي.

رياستي ادارا سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي به عمل نٿا ڪن: ڪرنل(ر) انعام الرحيم

اسلام آباد: جبري طور تي لاپتا ڪيل ماڻهن جي ڪيسن جي پيروي ڪندڙ ڪرنل(ر) انعام الرحيم چيو ته ان ڪميشن پاران جاري ٿيندڙ پراڊڪشن آرڊر کي ڪو به رياستي ادارو جيڪو مبينه طور تي اهڙن واقعن ۾ ملوث هوندو آهي ، سنجيدگي سان نٿو وٺي، هن بي بي سي کي ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري  پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن 35 ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ چيف جسٽس شام تائين عدالت ۾ ويٺو رهيو پر اڄ تائين ان عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.