ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي بک هڙتال، ڪمشنر پهتو، ڪميٽي قائم

ڪراچي( رپورٽر) ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي شاگردن پاران هاسٽلن تي قبضي خلاف جاري بک هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي.  جنهن سبب ڪيترن شاگردن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. ان موقعي تي سياسي ،سماجي ڌرين توڙي شاگرد اڳواڻن ڪئمپ تي پهچي  حمايت جو اظهار ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي نصرت سحر عباسي به متاثر  شاگردن سان همدردي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتي ۽ کين پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شاگردن جومسئلو حل ڪري انهن کي پريشاني کان بچايو وڃي. نصرت سحر عباسي جوچوڻ هو ته جيڪڏهن شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ سرڪار ئي هوندي ، ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر وارث علي ، لياري عوامي محاذ جي اڳواڻ خالق زردان ۽ سرمن بروهي  به شاگردن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. فيصل ايڌي به پهچي کين پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي شاگرد عبدالڪريم سوهو ۽ شهزاد بلوچ چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين سندن مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين سندن بک هڙتال جاري رهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.