چانڊڪا اسپتال ۾ 15 ورهين جي نينگري فوت ، ڊاڪٽرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ 15 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو . باڊهه جي رهواسڻ 15 ورهين  جي نينگري نبول ڌيءُ حافظ الله ڏنو ساريو کي وارثن ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ چانڊڪا اسپتال آندو، جتي رستي ۾ نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽرن تي  غفلت ۽ لاپرواهي جو الزام  هنيو.ان موقعي تي فوتي نينگري جي ڀائرن عبدالغفور ۽ نالي مٺو ساريو ٻڌايو ته سندن  ڀيڻ ڇاتي جي تڪيلف ۾ مبتلا هئي، کيس چانڊڪا اسپتال جي سرجري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو،  ڊاڪٽرن علاج  بجاءِ ڀيڻ کي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو،  جنهن بعد کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻائي وڃي رهياهئاسين ته هو فوت ٿي وئي.هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. سول لائين ٿاڻي جي پوليس آفيسرن پهچي وارثن کي خاطري ڪرائي  احتجاج ختم ڪرايو، جنهن بعد وارث نينگري جو لاش باڊهه کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.