ڪراچي ۾ رقم تان آفيسرن ۾ خوني جهيڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي آفيسرن ۾ زمين جي الاٽمينٽ، غيرقانوين ڪمن تي مليل رقم جي وهاست تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ٻه آفيسر مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، گذريل ڏينهن ڪراچي جي  حسن اسڪوائر واري علائقي ۾ واقع سوڪ سينٽر ۾ قائم ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيس جي ٽئين فلور تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر وسيم عثماني، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم رضا نقوي ۽ عبدالحفيظ زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي 54 ورهين جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لينڊ گلستان جوهر وسيم عثماني پٽ سليم عثماني ۽ 35 ورهين جو وسيم رضان نقوي پٽ محسن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب ڪي ڊي اي گلستان جوهر جي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ واقعو پيش آيو، فائرنگ جي آواز تي ملازمن ۽ آفيسرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي جڏهن ته آفيس اندر کان لاڪ ڪئي وئي هئي، ملامن موجب آفيسرن جي پاڻ مينٽنگ هلي رهئي هئي جتي ڊپٽي ڊائريڪٽر وسيم عثماني، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم رضا، سپرنٽنڊنٽ عبدالحفيظ ۽ ٻيا موجود هئا. ميٽنگ دوران پاڻ ۾ تيز ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، آفيس جي ڪمري مان ٻه پسٽل ۽ گولين جا خول مليا آهن، پوليس موجب ميٽنگ دوران فائرنگ عبدالحفيظ ڪئي. آفيس ۾ ڪل 4 آفيسر موجود هئا جڏهن ته ٻنهي ڌرين وٽ هٿيار هئا، ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي آصف اڪرم پڻ واقعي واري هنڌ پهتو،  ٻئي پاسي مارجي ويل ٻنهي آفيسرن جا لاش آغاخان کان جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.   پوليس ذريعن ٻڌايو ته واقعو زمينن جي الاٽمينٽ، غيرقانوني ڪمن تي حاصل ٿيندڙ رقم تان پيش آيو، استعمال ٿيل هٿيار فارنزڪ لاءِ ليباٽري موڪليا ويا آهن جڏهن ته آفيس سپرنٽڊنٽ عمران شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.