وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪو به اعلان نه ڪيو: اسماعيل راهو

ڪراچي ( رپوٽر ) سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق جو سنڌ سان رويو ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آهي، سنڌ ۾ تازين برساتن سان هڪ لک ايڪڙ زمين تباهه ٿي چڪي آهي پر وفاق نه ڪو اعلان ڪيو ۽ نه ڪو بيان جاري ڪيو، سنڌ جي 15 ضلعن ۾ 70 کان 90 سيڪڙو تائين فصل تباهه ٿي چڪا آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ برساتن سان ڦٽين، چانور، مرچ. ٽماٽن ۽ ٻيا فصل تباهه ٿي چڪا آهن، وفاق صوبي ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري، هن چيو ته صوبي ۾ 15 لک 62 هزار تي ڦٽين جي پوک ڪئي وئي هئي ٿرپارڪر ۾، 70 سکر، 35 سانگهڙ، 21 نوشهروفيروز ، 20 ٺٽي، سجاول ۾ 50 سيڪڙو ڦٽيون ختم ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته  سنڌ جي مسئلن تي وفاق ۾ ويٺل وزير خاموش ويٺا آهن ۽ سنڌ ۾ سندن اتحادي پڻ خاموش آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.