نواز شريف جو فيصلو اچي ويو، هن ۾ ذري به قانون جي پاسداري آهي ته فيصلو قبول ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو فيصلو اچي ويو، هن ۾ ٿوري به قانون جي پاسداري آهي ته فيصلو قبول ڪري.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ ضمانت ختم ٿيڻ کان پوءِ عدالت حڪم جي باوجود سرينڊر نه ڪرڻ تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي 22 سيپٽمبر جي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.

ان فيصلي جي رد عمل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته ڪيترائي اهڙا قيدي آهن جيڪي هن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا آهن.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو فيصلو اچي ويو، هنن ۾ ذري به قانون جي پاسداري آهي ته فيصلو قبول ڪن، انهن جا عمل جيل وارا آهن پر هو جيل ۾ نٿا رهي سگهن.

هن چيو ته هاڻ حمزه کي به جيل نه به ڀانئي ۽ هو به اسپتال وڃڻ ٿو چاهي، مخالف ڌر اڳواڻ رڳو مزو ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.