قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي جي انت وارو ترميم بل 2020 ڪثرت راءِ سان منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت وارو ٽيون ترميمي بل 2020ع قومي اسيمبلي ۾ ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل دهشتگردي جي خاتمي واري ترميمي بل 2020ع ۾ جاچ طريقيڪار ۾ نئين ٽيڪنڪ استعمال ڪرڻ واري شق شامل ڪئي وئي آهي جنهن جي تحت جاچ آفيسر عدالت جي اجازت سان 60 ڏينهن ۾ ڪجهه ٽيڪنڪ استعمال ڪري دهشتگردي ۾ رقم جي فراهمي جو پتو لڳائيندو.

دهشتگردي جي انت واري ترميمي بل جي تحت انهن ٽيڪنڪ ۾ ڳجهي آپريشنز، مواصلات جو پتو لڳائڻ، ڪمپيوٽر سسٽم جو جائزو وٺڻ شامل آهي جڏهن ته عدالت کي لکت ۾ درخواست ڏئي وڌيڪ 60 ڏينهن جي واڌ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

ٻئي پاسي ننڍي ايجنڊا جي طور تي بل آڻڻ تي مخالف ڌر ميمبرن ڀرپور احتجاج ڪيو.

هوڏانهن قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ ترميم بل 2020ع پيش ڪرڻ جي تحريڪ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي، تحريڪ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهيپ سجاد طوري پيش ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفت جي باوجود سينيٽ چيئرمين بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ بعد ۾ سينيٽ چيئرمين بل لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.