وفاق پوري سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو: مير بنگل خان مهر

راندين ۽ جنگلي جيوت کاتي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار مير بنگل خان مهر چيو آھي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي وارين سازشن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو. خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ماڻھن جا مسئلا ٻڌڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن وفاق  پنهنجي اختيارن ۽ طئه ٿيل حدن ۾ رهي . مير بنگل خان مهر جو چوڻ ھو ته ڳالهه رڳو ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي ناهي پر خوشحالي جي نالي تي وفاق پوري سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو هرگز ڪرڻ نه ڏنو ويندو . ٻئي پاسي پراسرار نموني گم ٿيل مهيش ڪمار جي وارثن سنيل ڪمار, منوهر لال ۽ ٻين پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر سان ملاقات ڪري نوجوان جي گم ٿيڻ  بابت ڄاڻ ڏني . جنهن بعد چيف سردار محمد بخش خان مهر ايس ايس پي گهوٽڪي سان فون تي ڳالهائيندي چوويهن ڪلاڪن اندر نوجوان جي بازيابي ۽ پوري ضلعي مان اغوا ٿيلن بابت کين رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.