ڪراچي: 2 ڏهاڪن کان سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏائڻ جا سانباها پيا ٿين: محمد علي شاهه

پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو  آهي ته  سنڌ جي سمنڊ ۾ 300 کان مٿي وڏا ننڍا ٻيٽ موجود آهن. اهي ٻيٽ ماضي ۾ سمنڊ جو حصو نه هئا پر ڊيلٽا جو حصو رهيا هئا ۽ آهن. انهن ٻيٽن کي سنڌو پنهنجي وهڪرن سان گڏ آڻيندڙ مٽي سان تخليق ڪيو آهي. ڊيلٽا کي گھربل پاڻي ڏيڻ بدران انڊس ڊيلٽا ۾ موجود ٻيٽن کي ترقي جي نالي ۾ وڪرو ڪري اُنهن تي جديد شهر اڌڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. اهو سلسلو گزريل ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ آهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پائلر پاران ڪوٺايل تقريب کي خاطب ڪندي محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ طاقتورقوتون ۽ حڪمران سدائين اهڙن نام نهاد ۽ عوام دشمن منصوبن جي پويان هوندا آهن، جيڪي لکين غريب ماڻهن جي قيمت تي فائدو حاصل ڪندا آهن.

حبيب الدين خطاب ڪندي چيو ته ستم ظريفي ته ڏسوته وفاقي سرڪار ماضي وانگر هن دفعي پڻ سنڌ سرڪار سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪرڻ ۽ اُنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهر تعمير ٿيڻ سان ماهيگيرن جون مڇي مارڻ جي جاين سان گڏ مهاڻن جون گزرگاهون به بند ٿي وينديون، اهو منصوبو ڪنهن به ريت سنڌ واسين جي حق ۾ ناهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.