ڪراچي ۾ ذهني ۽ جسماي طور معذور عورت سان اجتماعي زيادتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ ذهني ۽ جسماني طور تي معذور عورت سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهه ته ٻئي جوابدار جي ڳولا جاري آهي.

ڪراچي ۾ بلديا ٽائون جي قائمخاني ڪالوني ۾ ذهني ۽ جسماني طور تي معذور عورت سان زيادتي جي اجتماعي واردات ٿي آهي.

ٻن جوابدار جبلن تي ٺهيل جهڳين ۾ گهڙي عورت سان زيادتي ڪئي، اجتماعي زيادتي جو شڪار عورت هڪ مزدور جي زال آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻئي جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

رابطو ڪرڻ تي پوليس اختيارين ٻڌايو ته عورت کي ڊي اين اي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، اختيارين موجب عورت سان هڪ جوابدار ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.