”نواز شريف کي اسان نه پر عدالت ۽ حڪومت پرڏيهه موڪليو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته وزير اعظ۾ ۽ هن وزيرن پاڻ نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڄ چئي رهيا آهن ته نواز شريف نواز شريف واپس اچي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ٿيڻ ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جي صحت جون رپورٽس واضح آهن اسان پاڪستان جي عوام جي سامهون رکون ٿا.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته نواز شريف پهرين به لنڊن مان آيو ۽ جيل ويو، علاج ڪرائڻ هن جو قانوني حق آهي، نواز شريف جي علاج ۾ دير ڪورونا جي ڪري ٿي آهي، هو علاج ڪرائڻ کان پوءِ واپس ايندو ۽ عدالتن کي منهن ڏيندو پر رپورٽون واضح آهن ته نواز شريف جي صحت هن وقت ان قابل ناهي جو هو پاڪستان اچي.

احسن اقبال:

اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته نواز شريف جي سياست جو اصل نقطو قانون جي حڪمراني جو آهي، اسان جمهوري قدرن تي يقين رکون ٿا، پرويز مشرف کي به سزا ٿي ۽ هاءِ ڪورٽ ان کي به ريليف ڏنو جڏهن ته عدالت فيصلو ڪيو ۽ نواز شريف کي علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.

احسن اقبال چيو ته اسان کي ڏک اِهو آهي ته جڏهن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ته حڪومت ڪا مخالفت ناهي ڪئي پر حڪومت طرفان ڪو به اختلافي دليل ناهي آيو ۽ نواز شريف کي اسان نه عدالت ۽ حڪومت ٻاهر موڪليو، وزير اعظم ۽ هن جي وزيرن ان وقت تصديق ڪئي ته نواز شريف واقعي بيمار آهي پر اڄ چئي رهيا آهن ته نواز شريف واپس اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.