ڊاڪٽرن جي نواز شريف کي لنڊن ۾ رهڻ جي تجويز: نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نئين ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.

نواز شريف جي 4 صفحن تي ٻڌل نئين ميڊيڪل رپورٽ هن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي.

ميڊيڪل رپورٽ موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي علاج لاءِ لنڊن ۾ رهڻ ۽ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڪورونا کان بچاءَ لاءِ هجوم وارن ماڳن تي نه وڃي، هن کي پنهنجي عمر، سنگين بيمارين جي ڪري ۽ ڪورونا جي حوالي سان  عام ماڻهو کان وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف موجب هو پاڪستان جي جيل ۾ اڪيلو قيد هو ۽ هن جي حالت اُتي وڌيڪ خراب ٿي آهي.

ميڊيڪل رپورٽ موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي هدايت ڪئي آهي ته هو معمول جي چُرپُر جاري رکي، هو هاءِ رسڪ ڪيٽيگري جو مريض آهي، هن جي دل جي علاج لاءِ سمورا بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري نواز شريف سميت ڪيترن ئي مريض جي علاج ۾ خلل آيل آهي.

رپورٽ موجب نواز شريف جي دل جون شريانين کولڻ لاءِ جلد ئي وقت مقرر ڪيو ويندو ۽ هن جي پليٽيليٽس جو علاج دل جي بند شريانيون کولڻ واري عمل کان پوءِ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.