پيپلز پارٽي زيادتي جي جوابدارن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي زيادتي جي جوابدار کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جي مخالف ڪري ڇڏي.

سينيٽ ۾ خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته سي سي پي او چوندو رهيو ته عورت رات جو ٻاهر ڇو وئي؟ نئين پاڪستان سان پيغام ڏنو ويو ته عورت ۽ ٻار تحفظ جا حقدار ناهن، جوابدار عابد علي ته سر عام گهمي رهيو آهي، هن وقت تائين اصل جوابدار گرفتار ناهي.

هن چيو ته پيغام آيو آهي ته سر عام ڦاهي ڏني وڃي، منهنجي پارٽي ان تي يقين نٿي رکي، سڄي ملڪ جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪايو پيو وڃي ته سر عام ڦاهي ڏني ويند ، ضيا دور ۾ سر عام ڦاهي ڏني وئي، سر عام ڦاهي سان ڏوهه گهٽيا نه پر پر وڌيا.

شيري رحمان جو چوڻ هو ته هي هڪ سرڪس هو جيڪو ضياءُ الحق هنيو هو، هڪ ٻارڙي پپو جو ريپ ڪندڙن کي لاهور ۾ سر عام ڦاهي ڏني وئي. ان کان فوري بعد ريپ وڌيا ۽ گڏوگڏ ئي 11 ڪيس رپورٽ ٿيا.

هن مطالبو ڪيو ته سزا ته انهن اهل ڪارن کي ملڻ گهرجي جيڪي چون ٿا ته عورت ٻاهر ڇو نڪتي.

سر عام ڦاهي سان معاشرو وڌيڪ ظالم ٿيندو: رضا رباني

سينيٽ ۾ خطاب ڪندي سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته سر عام ڦاهي سان معاشرو وڌيڪ ظالم ٿيندو، سر عام ڦاهي ڇا ضيا نه ڏني هئي، ڇا ريپ ۽ ڏوهه ختم ٿي ويا هئا؟ ضيا ڇا سياسي ڪاڪنن جا ميلا هڻائي ڪوڙا نه هڻايا هئا؟ ڪوڙا هڻائڻ سان ڇا سياسي تحريڪون ختم ٿي ويون هيون؟

هن چيو ته ان جو حل سر عام ڦاهي ۾ ناهي، قانون سازي سان ڪجهه نه ٿيندو، توهان بل پاس ڪيا پر انهن تي عملدرآمد ناهي ٿيو، جيڪڏهن حڪومت سي سي پي او کي هٽائيندي ته اِها ان سوچ جي منهن تي چماٽ هوندي.

سندس چوڻ هو ته اعتزاز احسن چيو هو ته رياست هوندي ماءُ جهڙي پر هتي رياست ڏانئڻ جهڙي بڻيل آهي ۽ اسان اڄ خوشي سان چئي رهيا آهيون ته ڏوهاري پڪڙجي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.