موٽر وي زيادتي ڪيس: مرڪزي جوابدار جو مبينا ساٿي بالا مستري به گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار عابد ۽ شفقت جي ٽئين مبينا ساٿي کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس موجب بالا مستري کي چيچا وطني ۾ ڪارروائي ڪري حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بالا مستري به مرڪزي جوابدار عابد سان گڏ مختلف وارداتن ۾ شريڪ رهيو آهي، جوابدار شفقت عابد ۽ بالا مستري گڏجي لڳ ڀڳ 11 وارداتون ڪيون.

پوليس موجب جوابدار بالا مستري ٻڌايو ته هو عابد ۽ شفقت سان گڏجي ڪرول ڳوٺ جي ڀرسان ڦرلٽ ڪندا هئا جتي وڻ جون شاخون روڊ تي رکي گاڏيون روڪيندا هئا ۽ انهن ۾ موجود شهرين کان ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا.

پوليس موجب جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته موٽر وي تي به عدالت ۽ شفقت سان گڏ واردات جي نيت سان ئي نڪتو هو پر اڌ رستي مان ئي واپس هليو ويو.

ٻئي پاسي پوليس موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جنهن ۾ وقت تائين ڪا به ڪاميابي ناهي ملي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.