سوڪ سينٽر ۾ فائرنگ: ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مارجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوڪ سينٽر ڪراچي ۾ ٻن سرڪاري آفسيرن جو تڪرار خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، هڪ ٻئي تي گوليون وسايون، ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ گلستان جوهر وسيم عثماني ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم رضا مارجي ويا جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالحفيظ زخمي ٿي اسپتال پهچي ويو.

جهيڙو پيسن جي ڏي وٺ تي ٿيو يا زمينن جي الاٽمنٽ تي؟ پوليس آفيس سپرنٽنڊنٽ عمران شاهه کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار به فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا.

سوڪ سينٽر ڪراچي ۾ جهيڙو ته عام طور ٻن ڳالهين تي ٿيندو آهي، زر يا زمين ۽ اڄ ڪي ڊي اي لينڊ ڊپارٽمنٽ جي ٽئين ماڙ تي ٿيل تڪرار ڪجهه گهڻو ئي وڌي ويو هوندو جو ڳالهه فائرنگ تي وڃي پهتي.

شروعاتي جاچ موجب ڪمري ۾ 6 ڄڻا ميٽنگ لاءِ گڏ هئا، پوءِ ٽن ڄڻن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ گوليون هلي ويون. پوليس آفس سپرنٽنڊنٽ عمران شاهه کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.