ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاسٽل سيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جا16 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ان جي هاسٽل کي سيل ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب اسلام آباد جي رفا ڪاليج  هاسٽل ۾ ڪورونا وائرس جا 16 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ڪاليج ۽ هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات به تصديق ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي متاثرن جي تصديق کان پوءِ رفا ميڊيڪل ڪاليج کي سيل ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رفا ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاسٽل کي نئين حڪم تائين سيل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.