ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 5 هزار 774 رهجي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ 5 هزار 774 رهجي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب سڄِ ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 404 نوان ڪيس ۽ وڌيڪ 6 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 2 هزار 424 ٿي ويو ۽ فوتگين جو گڏيل انگ 6 هزار 389 ٿي ويو. هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 2 لک 90 هزار 261 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 32 هزار 250، پنجاب ۾ 97 هزار 817، خيبرپختونخواهه ۾ 37 هزار 790، اسلام آباد ۾ 15 هزار 962، بلوچستان ۾ 13 هزار 621، آزاد ڪشمير ۾ 2426 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3269 انگ ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.