اليڪشن ڪميشن جو وفاقي حڪومت کي آدم شماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کي آدم شماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊڻ لاءِ تڪ بندين بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر ۽ سنڌ صوبي ۾ تڪ بندين جي ڪم ۾ آيل ڏکيائين جو جائزو ورتو ويو.

اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کي آدم شماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت، قانون واري وزارت آدم شماري جي سرڪاري اشاعت انتهائي ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.