کپرو: ڀيل برادري جي مردن ۽ عورتن پاران بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف مظاهرو

کپرو ۾ ڀيل برادري جي مردن ۽ عورتن پاران  بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪري نعري بازي ڪئي وئي. مين چوڪ تي ڳوٺ ملوڪ مهر واسين رامون ڀيل. کيتو ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو  ته ڳوٺ ملوڪ مهر جي بااثر وڏيري ۽ ان جي ڇاڙتن ٻني مان گاھ ڪندڙ پورهيت رامون ڀيل تي سخت تشدد ڪري  کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن جي دانهن اسان کپرو ٿاڻي تي پڻ کڻي وياسين جتي ڄاڻايل جوابدارن خلاف اين سي پڻ ڪٽرائي آهي پر پوليس اڃان تائين پورهيت تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ابتو انهن تي ٺاھ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  هنن چيو ته هو غريب مسڪين آھن ، وس وارا ساڻن  انصاف ڪن ٻي صورت ۾ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.