خانپورمهر: اغوا ٿيل هندو نوجوان جو پتو نه پيو، هڪ شڪي گرفتار

خانپور مهر مان هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل  هندو نوجوان مھيش ڪمار  جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو…

خانپورمهر پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو ، ٻڌايو پيو وڃي ٿو  ته ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ  همراهه  نوجوان مھيش کي خانپورمهر کان   گهوٽڪي کڻي وڃي  ٽنڊو ڦاٽڪ وٽ ڇڏي واپس موٽي ويو هئو…

هوڏانهن  ايم پي اي سردار علي گوهر  مهر جي  ٽيم محمد ابراهيم مهر ۽ سوجھرو مهر جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر جي هندو برادري وٽ پهتي، جتي هنن  اغوا ٿيل نوجوان جي والد منور لال ۽ چاچي راجڪمار سان ملاقات ڪري سردار علي گوهر مهر سان فون تي ڳالھ ڪرائي.

علي گوهر خان مهر ڳالهائيندي چيو ته هندو برادري سان اسين هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون،

علي گوهر   مهر هندو برادري کي نوجوان جي بازيابي لاءِ  هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.