ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني وڌي وئي ،هڪ ئي رات ۾چوري جون 3 وارداتون

ڪنڌڪوٽ  شهر ۾ بدامني وڌي وئي، چور هڪ ئي رات ۾دڪان، ڪلينڪ ۽ گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا..

شهر جي مين روڊ امام بارگاهه ۽ آدريشي اسڪول ويجھو  حافظ بجاراڻي جي دڪان کي  رات جو  چورکاٽ هڻي  موبائيلون،  چارجر ۽   70 هزار روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، ٻي طرف نيشنل بينڪ ڀرسان  رات جو چور ڊاڪٽر ذوالفقارسومري جي ڪلينڪ ۾ پيل  2سولر  پليٽون، هڪ بيٽري ۽  دوائون کڻي ويا، هوڏانهن  ماڙوائي پاڙي   مان چور  ٺاڪرداس جو گهر پڻ ٻهاري فرار ٿي ويا..

ان حوالي سان شهر جي  سياسي سماجي اڳواڻن  شاھنوازمرهيٽو ۽ ٻين چيو ته شهر ۾  بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو..

هنن وس وارن کان مطالبو  ڪيو ته نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف ڪاررروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.