مروه زيادتي ڪيس: ٻن جوابدارن ٻارڙي سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجن سالن جي مروه جي اغوا جي جوابدارن مان ٻن ڄڻن جاچ دوران ٻارڙي سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت جي آڏو 5 سالن جي مروه جي اغوا، زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ جاچ پوليس جوابدارن رب نواز، فيض ۽ عبدالله کي پيش ڪري ڇڏيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار رب نواز بي گناهه آهي، هن جي خلاف شاهديون ناهن مليون ان ڪري جوابدار جي آزادي لاءِ جوڊيشل مجسٽريٽ وٽ رپورٽ پيش ڪنداسين.

جاچ آفيسر جي اپيل تي سرڪاري وڪيل اعتراض ڪيو جنهن تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي 26 سيپٽمبر تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ جوابدار فيض عرف فيضو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ته مون ۽ منهنجي ساٿي عبدالله ٻارڙي کي اغوا ڪيو ۽ پنهنجي گهر ۾ هر هر زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهياسين جنهن جي ڪري مروه جو موت واقع ٿيو، بعد ۾ لاش ڪچري جي ڍير ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.