نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني خاص بينچ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ 22 سيپٽمبر جي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي نواز شريف کي مفرور قرار ڏيڻ واري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضمانت ٿيڻ واري درخواست ڏني آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته اڃا نيب جي نواز شريف جي ضمانت رد واري درخواست التوا ۾ رکيل آهي، پهرين خواجا صاحب جا دليل ٻڌي وٺون پوءِ نيب جون درخواستون ٻڌنداسين، اڃان ته اسان کي طئي ڪرڻو آهي ته ڇا نواز شريف جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي يا نه؟

وڪيل خواجا حارث پرويز مشرف ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ واري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل کي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ان ڪري غير معمولي حالتن ۾ بلز جي بدران ان جي وڪيل کي پيش ٿيڻ اجازت ڏئي سگهجي ٿي.

خواجا حارث چيو ته سنگين غداري ڪيس ۾ خاص عدالت پرويز مشرف کي مفرور ۽ اشتهاري قرار ڏنو هو، ان جي باوجود سپريم ڪورٽ جنرل پرويز مشرف جي وڪيل کي ٻڌو، جوابدار جي پيش نه ٿيڻ کي جواز بڻائي ٽرائل کي روڪي نٿو سگهجي، عدالت جوابدار جي لاءِ سرڪاري وڪيل مقرر ڪري ٽرائل اڳتي وڌائيندي، نواز شريف في الحال عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

عدالت پڇيو ته توهان چاهيون ٿا ته اپيلن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، يا وري نواز شريف جي غير موجودگي ۾ ان تي ٻڌڻي ڪئي وڃي؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته جي منهنجي عدالت ۾ اِها ئي اپيل آهي.

عدالت خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ته توهان اِهو چوڻ چاهيو ٿا ته نواز شريف مفرور قرار به ڏنو وڃو ته عدالت ميرٽ تي اپصلن تي فيصلو ڪري؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته مون به اِها اپيل ڪئي آه يته جيڏهن هو مفرور ٿي وڃي ته ڪا ناڪاري ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضمانت غير موثر آهي ۽ هن عدالت جي سامهون سرنڊر به ناهي ڪيو.

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ضمانت وٺي ٻاهر ويندڙ نواز شريف سرجري ناهي ڪرائي، نه ئي اسپتال داخل ٿيو. جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان جو نواز شريف جي ضمانت جو فيصلو هو جيڪو غير موثر ٿي چڪو آهي، ضمانت ختم ٿي چڪي هي انتهائي سنجيده معاملو آهي.

عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ العزيزيه ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا جي خلاف اپيلن تي ڪارروائي ۾ حاضري کان ڇوٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.