ڪوٽڙي: شهرين جو پاڻي کوٽ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

ڪوٽڙي جي علائقي مسلم ٽائون ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين پاران  ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو..

احتجاج ڪندي اڳواڻن غلام عباس چانڊيو، گلبهار چانڊيو، امداد علي قادري،عباس جروار سميت  ٻين چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل ٻولهاڙي جي علائقي مسلم ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، ضلعي انتظاميا توڙي ميونسپل انتظاميه  بار بار شڪايتن  باوجود تدارڪ نه ڪيو آهي..

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.